Posted On: May 11th 2025, 09:35 am
-
اک تئون وار ته پرتي ڪر تون
آنڌي ٿي وئي عالم تي آ
سورج تنھنجي نيڻن ۾ آ
نيڻ کڻين ٿي باک ڦٽي ٿي
گل ڦل سارا پوء اڳن ٿا
يار پپيھا پوء اٿن ٿا
آڳر تي جي وار ڇنڊين ٿي
برپٽ تي برسات پوي ٿي
وار وڪوڙي ڳُت ڏيئين ٿي
اڀ مان انڊلٺ نڪري پئي ٿي
تنھنجي چرپر سان سڀ ٿئي ٿو
دنيا تي اختيار رکين ٿ
~امجد ميراڻي
Photos:@muzamil_habib111
Load More