Posted On: December 1st 2025, 11:00 am
نظم ~ منھنجو ته ڪجھ به ناھي
• امجد ميراڻي
ھي نظريو پَرايو
ھي ڳالھ آ ڪتابي
يا دوستن ٻڌائي
يا فلم مان پِرائي
اخبار ۾ پڙھي آ
يا گيت ۾ ٻڌي آ
منھنجو ته ڪجھ به ناھي
ھر چيز آ پرائي
ھي دين آھي ڌاريو
ھي ڌرم آ پرايو
ڪنھن ھڪ ڳالھ تي ڀي
پنھنجو نه ڪو ئي رايو
ھي نانءُ آ نه منھنجو
آ ذات ڀي پرائي
ھي ڏانءُ آ نه ذاتي
ھي ڏات ڀي پرائي