Posted On: September 14th 2026, 07:37 pm
•
جڏهين چاهي
آفتن جا گام جوڙي
ها جي چاهي
بک تي مونکي سمهاري
۽ جي چاهي
جام سان ڪا شام جوڙي
ھا جي چاھي
مون ھٿان مونکي ئي ماري
زندگي چاهي سگهي ٿي
زندگي چاهي رهي آ
مان جيئان ٿو يا مران ٿو
ڪا به مونکي سڌ ڪونهي
بس اڪيلي پاڻ سان ئي پاڻ آھي
هن جو هڪڙو طرف هڪَ راھ آهي,
هن لئه ٻيو ڪو طرف چوڦير ڪونهي
زندگي جو زندگي ۾ ڪير ڪونھي
~ فيصل ميراڻي
Load More